اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نصاب ڪنهن به تعليمي انفر??سٽ??ڪچر ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۽ ڪم??يوٽر ڪوڊنگ کي پنه??جي قومي نصاب ۾ شامل ڪري، اسان پنه??جي ايندڙ نسل جي لاءِ پنه??جي حقن ۽ ذميوارين کي چڱي طرح سان ڄاڻڻ جو بنياد رکيو آهي. هن چيو ته اسان جو تصور اهو آهي ته جڏهن اسان جا ٻار هن ملڪ جون واڳون سنڀاليندا ته اهي آئين سان گڏوگڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي علم کان به چڱي ريت واقف هوندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سلمان صوفي جي سربراهي ۾ ??سٽ??يٽجڪ ريفارمز يونٽ تعليم واري وزارت سان گڏجي انهن سڌارن جي قيادت ڪئي آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته اسان پنه??جي حڪومت جي مدي جي مختصر عرصي ۾ بامعنيٰ تعليمي سڌارن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهون.