اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته مادر ملت فاطمه جناح پاڪستان جي آزادي واري جدوجهد ۾ مک حيثيت رکندي هئي، پنهنجي ه?? ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته مادر ملت فاطمه جناح قائداعظم جي زندگي جي ڏکين ۽ مشڪل مرحلن ۾ هڪ اهڙي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو جنهن قائد کي هميشه همت ۽ حوصلو ڏنو ۽ سندس مقصد لاءِ ان جي جدوجهد ۾ طاقت بڻجي بيٺي. هن چيو ته جڏهن ملڪ کي ان جي قيادت جي ضرورت پئي ته هن ماڻهن جي خدمت لاءِ آمريت سان مهاڏو اٽڪايو. هن سياست کي محنت، لگن ۽ ذاتي عرض کان هٽي بنيادي اصولن تي هلائڻ وا??ي نظرئي جي پيروي ڪئي. جيڪو ذاتيات کان وڌيڪ قوم جي خدمت تي ٻڌل هو. وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته مون سميت پور?? قوم مادر ملت کي ان جي 56هين ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.