برسلز – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين پارلياماني ت??اون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ان حوالي سان مفاهمت پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ يورپي يونين ڏکڻ ايشيا بابت وفد جي ملڪن سان لاڳاپن جي سربراهه نڪولا پروڪاسيني جي وچ ۾ برسلز ۾ ملاقات دوران طئي ٿي. پرڏيهي آفيس پار??ن جاري بيان موجب مملڪتي وزير حنا رباني کر زور ڏنو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام عالمي امن جي لاءِ لازمي آهي، مملڪتي وزير ڏکڻ ايشيا بابت ٽ??يڊ مانيٽرنگ جي نمائندي ۽ انساني حقن جي سب ڪميٽي جي ميمبر ڪراميڪس سان پڻ نتيجاخيز خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن يورپي پارليامينٽ جي نائب صدر ۽ نئين جي ايس پي پلس جي نمائندي هيڊي بائوتالا سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جي ايس پي پلس پائيدار ترقي جي ه??فن جي لاءِ هڪ موثر ذريعو آهي. ان جو پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپار خاص طور تي نوڪرين جي موقعن، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٺوس ترقي تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو. حنا رباني کر انٽرنيشنل ٽ??يڊ ڪميٽي جي سربراهه برنڊ لينج سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ايندڙ جي ايس پي پلس اسڪيم ۽ پاڪست??ن جي موقف تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انساني حقن جي ذيلي ڪميٽي جي وائيس چيئرمين يورپي پارليامينٽ برنارڊ گوئٽا سان ملاقات ۾ مملڪتي وزير کيس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين بابت آگاهه ڪيو ۽ يوڪرين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.