اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يونان جي ??رڏيهي وزير واسليس ڪاسڪريلس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير پنهنجي ??وناني هم منصب سان يونان جي سمنڊ ڪناري ٻيڙيءَ جي افسوسناڪ حادثي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مصيبت ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي سهولت ۽ برآمد ٿيندڙ لاشن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي ??طن واپسي جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.