اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي، ته پا??ستان کي ايٽمي طاقت کان پوءِ هاڻ?? معاشي طاقت بڻائڻو آهي، مشڪل معاشي فيصلن ذريعي لاٿ جو عمل رڪجي چڪو آهي ۽ معيشت جي بحالي کان پوءِ هاڻ?? معيشت جي اوسر طرف وٺي وڃڻو آهي ۽ ان کي ٻيهر دنيا جي 24هين وڏ?? معيشت بڻائڻو آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ??انفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته معاشي ترقي ۽ بجيٽ جا سمورا هدف قابل حاصلات ۽ عملي آهن. وفاق ۽ صوبن جو ساليانو ترقياتي پروگرام تي حقيق?? معنائن ۾ عمل ٿيو ته 3.5 سيڪڙو اوسر جو هدف آساني سان حاصل ڪري وٺنداسين. اسان جو بنيادي هدف 2017ع ج?? معاشي اهڃاڻن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ آهي. پگهارن ۾ واڌ بنيادي پگهار تي ايڊهاڪ رليف جي صورت ۾ ڏنو ويندو. هن چيو ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح ۾ واڌ جو ڪو به ارادو ناهي. تازي ۽ پراسيسڊ کير تي ڪا به سيلز ٽيڪس لاڳو ناهي ڪئي وئي. دفاعي بجيٽ مجموعي قومي پيداوار جو 1.7 سيڪڙو آهي، جيڪو پا??يسري ملڪن جي ڀيٽ ۾وڌيڪ ناهي. ايئر فورس، دي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان قدم جاري آهن، ڪوشش آهي ته جولاءِ تائين پهرين ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان واڪ ٿي وڃي. پا??ستان ڊفالٽ نه ڪندو. بجلي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ ڪوشان آهيون. هر سال هڪ هزار ارب رپين جي سبسڊي ڀرڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون.