پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، فوجي ٺڪاڻن ۽ سول ملڪيتن تي حملو ڪندڙ، اتساهيندڙ، هدايتون ڏيندڙ ۽ منصوبابندي ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، پوري قوم عمران نيازي جو مڪروهه چهرو ۽ ٻهروپيو ڏسي ورتو آهي، جن تي اڳ ۾ پنهنجي حڪومت هٽائڻ جي سازش جو الزام هنيو انهن کان ئي اڄ ??دد گهري رهيو آهي. گورنر هائوس پشاور ۾ سياسي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيرا??ظم چيو ته 9 مئي جا واقعا انتهائي مذمت جوڳا آهن. وزيرا??ظم چيو ته هن ريڊيو پاڪستان جي عمارت جو دورو ڪيو آهي ۽ اتان جي صورتحال ڏسي انتهائي افسوس ٿيو آهي، اهڙي طرح جون ڪارروايون ته دهشتگرد ڪندا آهن، 9 مئي جا واقعا انتهائي افسوسناڪ آهن، 9 مئي تي پوري ملڪ ۾ دهشتگردي ڪئي وئي ۽ اهو ڏينهن ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن هو، پنجاب ۽ خيبرپختونخو??هه ۾ سول ملڪيتن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو ويو، عمران نيازي جي حڪم تي جٿن اها شرپسندي ڪئي، انهن کي باقاعده هدايتون ڏنيون ويون ته هنن هنن جاين تي ڪارروايون ڪرڻيون آهن، انهن واقعن جو اسان جي معاشري تي گهرو اثر پيو آهي، 75 سالن ۾ ڪنهن کي ا??ين ڪرڻ جي جرئت نه ٿي، ملڪ ۾ وڏا وڏا واقعا ۽ حادثا ٿيا پر تحمل، بردباري ۽ برداشت سان انهن حادثن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏنو ويو، سياسي پارٽيون احتجاج ڪنديون آهن پر انهن جو احتجاج پرامن هوندو آهي، ڪڏهن ڪنهن فوجي ٺڪاڻن تي ا??ين حملا نه ڪيا، پهريون ڀيرو اهڙا واقعا ٿيا آهن، حڪومت جي ذميواري آهي ته جن ڀڃ ڊ??هه ڪئي، منصوبابندي ڪئي، هدايتون جاري ڪيون، ماڻهن کي اتساهيو ۽ گارگند ڪئي، فوجي ۽ سول ٺڪاڻن تي حملا ڪيا اهي ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، وڏي مشاورت کانپوءِ اهو طئي ٿيو آهي ته سول ملڪيتن تي حملا ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿيندي ۽ انهن کي ثبوت سان گڏ ڪٽهڙ?? ۾ ??يهاريو ويندو جڏهن ته فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ آ??ين پاڪ فوج کي جيڪي اختيار ڏنا آهن انهن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، پنجاب، خيبرپختونخو??هه ۽ سنڌ ۾ جتي جتي به اهي واقعا ٿيا ذميوارن جي خلاف قانون تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو به ملوث هوندو ان سان قطعي طور تي ڪا به رعايت نه ٿيندي ڇو ته جيڪڏهن انهن کي سخت سزا نه ڏني وئي ته ان سان ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان ٿي سگهي ٿو. وزيرا??ظم چيو ته عمران نيازي ۽ ان جو جٿو اهڙن ملڪن جن تي هو اڳ ۾ پنهنجي حڪومت ختم ڪرڻ جو الزام هڻندو هو اڄ انهن کي اپيلون ڪري رهيو آهي ۽ انهن کان مدد گهري رهيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته قوم عمران نيازي جو مڪروهه چهرو ۽ ٻهروپيو ڏسي ورتو آهي، هاڻي قانون حرڪت ۾ ايندو، ريڊيو پاڪستان 13 ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي آزادي جي خوشخبري ٻڌائي هئي ان جي تاريخي ورثي کي تب??هه ڪيو ويو، ان کان وڌيڪ دشمني ۽ تباهي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. وزيرا??ظم چيو ته اڄ ??ون پشاور ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي آهي ۽ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو آهي، ان حوالي سان تمام سٺي اڳڀرائي ٿي آهي، ان تي صوبائي حڪومت، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي سار??هه جوڳي آهي.