اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ا??ٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سان پاڪستاني و??پارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير مسگانو اريگا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آفريقي و??پارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ا??ٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير مسگانو اريگا جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. پرڏيهي و??ير ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان اڳ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري گذريل رات ڪراچي ۾ پنهنجي ايٿوپين هم منصب سان گڏ ايٿوپين ايئرلائينز جي پاڪستان جي لاءِ سڌوسنئون فلائيٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ا??ٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سان پاڪستاني و??پارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. هن چيو ته آفريقي و??پارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جو سفارتخانو قائم ڪرڻ جي به آجيان ڪئي. هن چيو ته سندس ناني ذوالفقار علي ڀٽو ايٿوپيا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو کوليو هو.