اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالتي سڌارن جي بل جي منظوري سان مسلم ليگ (ن) جي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر سرخرو ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي 8 هين ترميم جي خاتمي جي حوالي سان قومي ا??يمبلي کي ت??ريخي خطاب جو حوالو ڏنو جنهن ۾ قائد نواز شريف چيو هو ته ”اڄ ع??لي طور تي ڪري ڏيکاريو آهي ته هر شيءَ جو پنهنجو وقت هوندو آهي ۽ پنهنجي وقت تي جيڪڏهن اها شيءَ خوش اسلوبي سان ٿي وڃي ته اهو ئي بهتر هوندو آهي، غيرضروري گوڙ ڪرڻ ۽ ڪرڻو ڪجهه ناهي، ماضي جون روايتون آهن، اسان کي اُها ڳالهه ڪرڻ گهرجي جنهن تي ا??ان عمل ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، اهو پاڪستان جو مفاد ۽ پارليامينٽ جي بالادستي آهي، اڄ پارلياماني جمهوريت جو روح زندهه ٿي ويو آهي، جنهن انداز ۾ هي سڄي ڪارروائي ٿي، اهو ان ڪم جي نوعيت کان وڌيڪ خوبصورت هو، اسان جي آڏو سدائين هڪ ئي مقصد هوندو“.