انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ زلزلي متاثرين سان يڪجه??ي جي اظهار ۽ زلزلي سٽيل علائقن جي دوري جي لاءِ انقره پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انقره هوائي اڏي تي اعليٰ ترڪ عملدارن ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد وزيراعظم جو استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق ??اط??ي ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.