اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن کي يڪجهتي ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيڻ جي ??اءِ ترڪيه وڃي رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي ??وئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جيتوڻيڪ به جدا رياستن جا شهري آهن پر هڪ قوم وانگر هڪ جان ٻه دل آهن ۽ اسان انهن جي ??قصان کي پنهنجو نقصان سمجهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي سان ڪا به حڪومت اڪيلي سر منهن نٿي ڏئي سگهي. ڪو به ملڪ ڀلي اهو ڪيترو ئي وسيلن سان مالامال هجي ايتري وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جو مقابلو اڪيلي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته دنيا انسانيت جي ??شڪلاتن ۽ تڪليفن جي حل لاءِ تعاون وڌائي.