اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي س??ڪريٽري ڊ??ڪٽ?? اسد مجيد خان سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شو??ي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي س??ڪريٽري آمريڪي پرڏيهي کاتي جي عهديدار جي آجيان ڪندي چيو ته لاڳيتو ٻطرفا دورا پاڪستان ۽ آمريڪا جي مثبت رويي جو مظهر آهن. پرڏيهي س??ڪريٽري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻئي مڊ ليول دفاعي ڊائيلاگ ۽ واشنگٽن ۾ ٿيندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي فريم ورڪ ايگريمينٽ ڪائونسل جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اداراجاتي ڳالهين جي ذريعي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي، ماحولياتي تبديلي ۽ صحت جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ڊ??ڪٽ?? اسد مجيد خان زراعت، تعليم، آءِ ٽي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شو??ي چيو ته آمريڪا پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي لاءِ پاڪستان ۽ ان جي عوام سان آمريڪي يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي س??ڪريٽري آمريڪي حمايت تي قونصلر جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا ڊگهي مدي واري بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. ڊيرڪ شو??ي سان عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي جو قونصلر ڪلنٽن وائٽ، پاڪستان ۾ آمريڪي س??ير ڊونلڊ بلوم ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن جي بيورو جو پرنسپل اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ پڻ موجود هئا.