اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وڪيل تحفظ ايڪٽ جي منظوري جي اجازت ڏيندي خاطري ڪرائي آهي ته اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري جي حوالي س??ن وڪيل برادري س??ن ڀرپور مشاورت ڪئي ويندي، بار ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي اپيل جي حق جي مطالبي تي بل جو مسودو آڻي، حڪومت سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي حق اپيل جو بل پارليامينٽ ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلز جي نئين چونڊيل اعليٰ عهديدارن جي وفد جي ملاقات وزيراعظم هائوس ۾ ٿي. اجلاس ۾ وزيراعظم نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وڪيلن ملڪ ۾ قا??ون جي بالادستي جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي، آئين ۽ قا??ون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري جي بي شمار قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، حڪومت بار جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي، گذريل حڪومت ملڪ جي هر شع??ي کي پنهنجي نااهلي س??ن نقصان پهچايو، گذريل حڪومت ۾ آئين ۽ قا??ون جي خلاف ورزيون عروج تي پهتيون. وزيراعظم وڪيل برادري جي جدوجهد کي ملڪ ۾ آئين ۽ قا??ون جي بالادستي جي لاءِ اهم قرار ڏيندي انهن جي قربانين کي س??راهيو. وزيراعظم چيو ته وڪيل برادري ملڪ ۾ آئين جي تحفظ ۽ قا??ون جي بالادستي جي لاءِ سائين هر اول دستي جو ڪردار اد?? ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته وڪيلن گذريل حڪومت جي هر غيرآئيني قدم جي خلاف موثر طريقي س??ن آواز اٿاريو جنهن تي اهي داد جا مستحق آهن. وفد وزيراعظم کي پاڪستان بار ڪائونسل، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ڪائونسل ۽ صوبن جي بار ڪائونسلز جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزراعظم وفد کي انهن جي سمورن جائز مسئلن جي فوري حل جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، راڻا ثناءُ الله، راڻا تنوير حسين، خاص مددگارن ملڪ احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ شرڪت ڪئي.