صحبت پور – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ ٿيندڙ ”انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان“ ۾ مهذب معاشرا ٻوڏ متاثرين جي ??حالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ڀرپور مدد جي لاءِ اڳتي ايندا، بلوچستان ۾ جديد سهولتن سان ليس 12 دانش اسڪول قائم ڪنداسين، ٻوڏ متاثرين کي گهرن جي معاوضي جي ??دائيگي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين. صحبت پور ۾ ٻوڏ متاثرين ۽ مقامي نمائندن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ اسان جي لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، ماضي ۾ جڏهن هتي جو دورو ڪيو ته هي علائقو پاڻي ۾ ٻڏل هو ۽ هتي امدادي سامان پهچائڻ ڪو آسان ڪم نه هو. صوبائي حڪومتي مشينري ڏينهن رات ڪم ڪري رهي هئي جڏهن ته چئلينج ايترو وڏو هو جو اهڙي قسم جي ٻوڏ پنهنجي پوري زندگي ۾ نه ڏٺي. سنڌ جو گهڻو علائقو پاڻي ۾ ٻڏل هو. ان صورتحال کي ڏسي خوف ايندو هو ته ڪهڙي طرح اهي ماڻهو پنهنجي ??لائقي ۾ بحال ٿيندا. ان سان گڏوگڏ پاڪستان حڪومت جا وسيلا محدود هئا. جن حالتن ۾ اسان حڪومت سنڀالي هئي اهي انتهائي خراب هيون. آءِ ايم ايف سان اسا?? جو معاهدو ختم ٿي چڪو هو. دنيا ۾ تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو هيون. گذريل حڪومت جي نااهلي جي ڪري اسان سستي ترين گئس نه خريد ڪري سگهياسين. ڪڻڪ جي پيداوار اسان جي ??لب کان گهٽ هئي. هن وقت اربين ڊالر جي ڪڻڪ ٻاهران گهرائي رهيا آهيون ته جيئن پاڪستان جي ??وام کي ڪڻڪ ملي سگهي. وزيراعظم چيو ته تيل تي پاڪستان جا 27 ارب ڊالر خرچ ٿيا جيڪو تاريخ ۾ تيل تي ٿيندڙ سڀ کان وڏو خرچ هو. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مهانگائي عروج تي آهي، انهن سمورن مسئلن سان گڏوگڏ ٻوڏ جي ??ورت ۾ هڪ ٻيو وڏو چئلينج سامهون آيون پر الله جو شڪر آهي ته مخلوط حڪومت ٻوڏ سٽيلن جي پنهنجي ??ساط ??وج?? خدمت ڪئي. صوبائي حڪومتن به پنهنجي ??صي جو ڪردار ادا ڪيو. وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان 100 ارب رپين کان وڌيڪ متاثرين جي لاءِ ڪيا. 9 جنوري تي انٽرنيشنل ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي ??ربراهه کانسواءِ نمائندا به شرڪت ڪندا. ان ڪانفرنس جي ??دارت هو پاڻ ڪندو جڏهن ته ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن جي ??ربراهن سان رابط?? جو سلسلو جاري آهي ته اهي ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿين ته جيئن دنيا کي خبر پوي. وزيراعظم چيو ته ملائيشيا جي نئين چونڊيل وزيراعظم سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته ان ۾ پنهنجائپ محسوس ٿي. هن ان موقعي تي پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر قرار ڏنو. هن هر قسم جي ??مداد ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو عزم ظاهر ڪيو ۽ زوم جي ??ريعي ان انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي ??امي ڀري ڇو ته هن کي بطور ناڻي واري وزير بجيٽ پيش ڪرڻي آهي. اهڙي طرح ترڪيءَ جي ??در، قطر جي ??مير، گڏيل عرب امارات جي ??در سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، سڀني گرمجوشي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ اسنا کي پاڻ قرباني ۽ ايثار جي ??ذبي جو اظهار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جيڪو دانش اسڪول هتي ٺهيو آهي ان کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. بلوچستان جي وقتي گورنر ۽ وڏي وزير ۽ انتظاميا ان ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي. ان اسڪول جي ??عمير ۽ ٻارڙين کي تعليم حاصل ڪندي ڏسي دل خوش ٿي وئي. اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ليب به قائم ڪئي وئي آهي. سمارٽ بورڊ هنيا ويا آهن. انهن سهولتن کي ڏسي پنجاب جا دانش اسڪول ياد چي ويا. پنجاب ۾ جڏهن دانش اسڪول جو منصوبو شروع ڪيو ته اميرن جي ٻارن وانگر ڏورانهن علائقن جي ??ريب ٻارن کي به تعليم جي ??هولتن جي فراهمي مقصد هو. هن ملڪ ۾ لکين ٻارن کي عام تعليم به ميسر نه آهي، لکين ٻارن جي لاءِ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون به نه آهن. انهن ٻارن کي جيڪڏهن قومي ڌارا ۾ شامل نه ڪيو ته پاڪستان ٺاهڻ جي مقصد جو خواب پورو نه ٿي سگهندو. هن چيو ته ايچي سن جي ??بتڙ هي دانش اسڪول غريبن جي ٻارن جي لاءِ ٺاهيا ويا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم رحيم يار خان جي ??انش اسڪول ۾ ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جي ڇانوَ کان محروم تعليم پرائيندڙ ٻارڙيءَ عائشه جو داستان ٻڌائيندي ڳوڙها ڳاڙي ڏنا. وزيراعظم ان موقعي تي بلوچستان ۾ 12 دانش اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪي پنجاب ۾ ٺاهيل دانش اسڪولن جي ??رز تي هوندا. جتي ٻارن کي مفت تعليم، قيام ۽ طعام جي ??هولت ميسر هوندي. صوبائي حڪومت انهن اسڪولن جي لاءِ زمينون فراهم ڪري. پنجاب جي ??انش اسڪولن جا ٻار سڄي دنيا ۾ بحثن ۽ مقابلن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. 2008ع ۾ لڳايل دانش اسڪول جي ??ن ٻوٽي سان سوين ٻار انجنيئرز ۽ ڊاڪٽرز بڻجي چڪا آهن. صحبت پور ۾ دانش اسڪول ۾ 23 مارچ تائين هاسٽل ۽ ٻيون سهولتون مڪمل ٿي وينديون جنه?? جو افتتاح 23 مارچ تي ئي ڪنداسين. انهن دانش اسڪولن سان گڏ ميڊيڪل ڪلينڪس پڻ هونديون ته جيئن هتي تعليم پرائيندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين ۽ استادن کي ميڊيڪل جي ??هولت ميسر اچي سگهي. هتي اي لائبريري به قائم ڪنداسين. هتي ماڊل اسڪول جي ??مارت 2 مهينن ۾ مڪمل ٿي آهي، هاڻي ان کي دانش اسڪول ٺاهينداسين. ان ۾ خالد مگسي ۽ ٻين مقامي ماڻه?? جو پڻ وڏو ڪردار آهي. انهن دانش اسڪولن کي شمسي توانائي سان بجلي فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اهي دانش اسڪول پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندا. جنهن جي ??وشني پوري پاڪستان کي روشن ڪندي. وزيراعظم چيو ته هتي جيڪي مطالبا پيش ڪيا ويا آهن انهن کي پورو ڪنداسين. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي ??حالي جو ڪم اڃان جاري آهي. هزارين متاثرين اڃا به امداد جا منتظر آهن انهن جي لاءِ انٽرنيشنل ڪانفرنس منعقد ڪري رهيا آهيون. متاثرين کي اڃا گهر?? جو معاوضو ادا ڪرڻو آهي. 10 لک گهر تباهه ٿيا آهن. ان جي لاءِ الله پاڪ سبب پيدا ڪندو. حڪومت پنهنجا فرض مڪمل ڪرڻ تائين سک سان نه ويهندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جيڪي فنڊز ڏنا آهن اهي پاڪستان جي ??هندڙ هر شهري جو حق آهي. وسيلن تي انه?? جو حق آهي. بلوچستان جي وڏي وزير ۽ هتان جي ??يم اين ايز، وقتي گورنر ۽ آفيسرن جيڪي ڪوششون ڪيون اهي ساراهه جوڳيون آهن. انهن کي جيڪو هدف ڏنو اهو انهن 2 مهينن ۾ مڪمل ڪيو. چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري تعليم بلوچستان ۽ ڪمشنر جي لاءِ تمغه خدمت جو اعلان ڪيو جيڪو انهن کي 23 مارچ تي ڏنو ويندو. جنه?? جو مقصد ٻين آفيسرن کي به اهڙي طرح محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ جي ??رغيب ڏيڻ آهي ته جيئن اسان ان پاڪستان جي ??ڪميل ڪري سگهون جنه?? جو خواب قائداعظم ڏٺو هو ۽ 23 مارچ 1940ع تي پاڪستان جي چپي چپي مان ماڻهن اهو خواب ڏٺو هو ۽ ان جي قرارداد منظور ڪئي هئي جنه?? جو مقصد اهو ته هتي سڀني کي برابر حق ملن نه ڪي امير امير تر ۽ غريب غريب تر ٿئي. پاڪستان ان لاءِ ٺهيو هو ته هتي رهندڙ هر مذهب جي پيروڪار کي برابر حق ملن. اهو ئي اهو ويزن ۽ خواب آهي جيڪو اڃا تائين پورو نه ٿي سگهيو. لکين مسلمانن ان جي لاءِ رت جا درياءَ پار ڪيا. اهي پنهنجا سمورا وسيلا ۽ سهولتون ڇڏي هتي پهتا ته انهن کي پنهنجي محنت جي ??ور تي هڪ مقام ملندو جڏهن ته بدقسمتي سان ائين نه ٿي سگهيو. ان موقعي تي وقتي گورنر جان محمد جمالي پنهنجي ??لائقي ۾ دانش اسڪول جي قيام لاءِ مفت زمين جي فراهمي جو اعلان ڪيو. وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي ??حالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ??والي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي.