اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ارشد شر??ف مرحوم جي گهر وئي ۽ سندس والده سان تعزيت جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم ارشد شر??ف جي گهرواريءَ، ٻارن ۽ سمورن گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا مان ارشد شر??ف جو لاش پاڪستان آڻڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شر??ف ٽيليفون تي ارشد شر??ف جي والده سان تعزيت ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ارشد شر??ف جي مارجڻ جي خبر تمام گهڻي ڏکوئيندڙ آهي، ارشد شر??ف جي والده وزيراعظم کي پنهنجي پٽ ارشد شر??ف جي ميت جلد پاڪستان آڻڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته ان سلسلي ۾ سمورا قدم هنگامي بنيادن تي کنيا پيا وڃن. مرحوم ارشد شر??ف جي والده وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته توهان منهنجي ننڍي پٽ ارشد شر??ف جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي به تعزيت جي لاءِ گهر آيا هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا جي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي، مرحوم ارشد شر??ف جي مڙهه کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کي فوري قدمن جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي ميت جي واپسي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين ??ي ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين ??ي ميت جي وطن واپسي جي سمورن مرحلن جي ذاتي طور تي نگ??اني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم مرحوم جي والده کي يقين ??ياريو ته ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيندي ئي مرحوم ارشد شر??ف جو مڙهه پاڪستان آندو ويندو.