نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ??ي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي سي او پي 27 جي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي سمورين قومن ۽ ماڻهن جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي?? ان جا اثر واضح ۽ شديد ٿيندا پيا وڃن جنهن جو اظهار ??اڪ??تان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مان ٿئي ٿو. هن چيو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ حصي جي باوجود ??اڪ??تان کي گر??ي جي لهرن، برطانوي طوفان، سوڪهڙي، طوفاني برساتن ۽ شديد چوماسي جي صورت ۾ قدرتي آفتون درپيش آهن جنهن جي نتيجي ۾ ??اڪ??تان کي انساني جانين جي زيان کانسواءِ معاشي نقصان درپيش آهي. پرڏيهي وزير ??اڪ??تان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان سان جاني ۽ معيشت کي نقصانن سان گڏوگڏ اهم انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. پرڏيهي وزير هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ??اڪ??تان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ??اڪ??تان جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ مختلف ملڪن جي اڳواڻن پاران ملاقات دوران اظهار ڪيل جذبن کي ساراهيو.