ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت سر مڪم?? ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي اعليٰ سطحي رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اه?? اتفاق راءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر رسدير زاپروف جي ملاقات ۾ ٿيو. ??نه?? اڳواڻن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪرغزستان جي صدر موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ ايندڙ وڏي ٻوپ ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? يڪجهتي جي اظهار تي صدر زاپروف جا ٿورا مڃيا ۽ شديد ٻوڏ ??ان ٿيندڙ تباهي جي تفصيلن کان کيس آگاهه ڪيو. هن موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي اه??يت ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ تعاون جي ضرورت تي زور پڻ ڏنو جن جو ڪاربن جي اخراج ۾ عملي طور تي ڪو حصو نه آهي. ??نه?? اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوام ??ان عوام جي رابطن ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اعليٰ سطحي دورن، بين الپارلياماني لاڳاپن ۽ دفاعي ۽ سيڪيورٽي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اه??يت کي اجاگر ڪيو. ??نه?? اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن بجلي جي پهچ جي ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت سر مڪم?? ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزير??عظ?? ڪرغزستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن جي ذريعي سمنڊ تائين پهچ ۾ سهولت ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ چارٽرڊ اڏامن جي بحالي جي پڻ آجيان ڪئي. وزير??عظ?? جمهوريه ڪرغزستان جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ 11000 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگردن جي ميزباني تي ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪرغزستان جي حڪومت ملڪ ۾ انهن جي تعليمي قيام دوران انهن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي ۽ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائيندي. ??نه?? ڌرين اعليٰ سطحي رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزير??عظ?? صدر زاپروف کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.