اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر راجا پرويز اشرف سان پاڪستان جي دوري تي آيل بين الپارلياماني يونين جي صدر دوارتي پشيگو پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ملڪن تي ٻڌل ٻن ڏينهن واري سيمينار سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اس??يڪر پاڪستان جي قومي اس??مبلي ۾ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ خطي جي ٽئين علائقائي سيمينار ۾ شرڪت تي آءِ پي يو جي صدر جي آجيان ڪئي. اس??يڪر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان تاريخ جي بدترين موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي. موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصان جي شدت ناقابل تصور هئي. پاڪستان موسمياتي تبديلين جي ڪري پيدا ٿيندڙ صحت جي لاءِ خراب اثرن ۾ حصيدار نه آهي. ترقي يافته ملڪن پاران وڌيڪ ڪاربن جي اخراج سان پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن کي سمورن عالمي فورمز تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اس??يڪر چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو آهي. موسمياتي تبديلين جي عالمي مسئلي جي مناسب ۽ وقت سر حل جي لاءِ عالمي حمايت ۽ تعاون جي ضرورت آهي. پاڪستان کي هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج ٻوڏ کان متاثر عوام جي صحت ۽ بحالي آهي. آءِ پي يو ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ روزمره جي زندگي جي بحالي ۽ چئلينج تي ض??بط?? آڻڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري. پاڪستان ان آفت جو مقابلو ڪري رهيو آهي پر عالمي برادري جي ڀرپور حمايت کانسواءِ نقصان جو ازالو ممڪن نه آهي. آءِ پي يو جي صدر طوفاني برساتن ۽ فلڊ جي نتيجي ۾ پاڪستاني عوام جي پريشانين جي ازالي لاءِ قومي اس??مبلي جي اس??يڪر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ خطي جو ٽيون آءِ پي يو جو علائقائي سيمينار منعقد ڪرڻ ۾ اس??يڪر جي گهري دلچسپي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته ايشيا پيسفڪ جو ٻن ڏينهن وارو سيمينار ملڪ جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي، واپار ۽ سياحت ۾ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي ذريعي باقاعده مٽاسٽا ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پارلياماني سفارتڪاري انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.