اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ پي يو جي صدر دوارتي پشيگو پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز (پيپس) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر ف??صل سليم رحمان به آءِ پي يو جي صدر سان گڏ هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پيپس م??مد انور ۽ ٻين آفيسرن مهمانن کي ڀليڪار چيو. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پيپس آءِ پي يو جي صدر کي پيپس قائم ڪرڻ، تاريخ ۽ ڪم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ پي يو جي صدر پاڪستان ?? پارلياماني ن??ام جي مضبوطي ۾ پيپس جي ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي آءِ پي يو جي صدر چيو ته پيپس جهڙا ادارا جمهوريت جي فروغ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. آءِ پي يو جي صدر پيپس لائبريري جو جائزو ورتو ۽ مهمانن واري ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به لکيا. بعد ۾ سينيٽر سليم رحمان ?? پيپس جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر م??مد انور آءِ پي يو جي صدر کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي. آءِ پي يو جو صدر ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري پاڪست??ن سان يڪجهتي اظهار لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.