اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان فتنو، فساد، انتشار پکيڙڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي لاءِ هر جڳهه جو دورو ??ري سگهي ٿو پر ٻوڏ سٽيلن سان ملڻ لاءِ نه ٿو وڃي سگهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو ڪراچي جو دورو برساتن جي ??ري ملتوي ٿيڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته مديني تي سياست، ڪوويڊ تي سياست، ??حتساب تي سياست، فتني فساد، انتشار پکيڙڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي لاءِ عمران خان هر جڳهه جو دورو ??ري سگهي ٿو پر ٻوڏ سٽيلن سان ملڻ جي لاءِ نه ٿو وڃي سگهي، بشريٰ بي بي اسلامي ٽچ جي ??ري منع ڪيو آهي.