اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت 45 مه??نن ۾ ملڪي تاريخ جي 71 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 79 سيڪڙو قرضن ۽ رهتن ۾ اضافو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ناڻي واري وزير چيو ته رڪارڊ جي لاءِ پي ٽي آء?? جي دور ۾ ڪل ملڪي قرض 24953 ا??ب رپين مان وڌي 44366 ا??ب رپيا ٿي ويو، جيڪو 78 سيڪڙو اضافو آهي. هن چيو ته مجموعي قرضن کانسواءِ رهتون 79 سيڪڙو اضافي سان 29879 ا??ب رپين مان وڌي 53544 ا??ب رپيا ٿي ويون. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ گذريل 71 سالن ۾ شامل سمورن قرضن ۽ رهتن ۾ 3.75 سالن ۾ 79 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.