اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عو??م جي ڀلائي کي يقيني بڻ??ئڻ لاءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گ??جي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪندي قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. اهرن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، عو??م کي مهانگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ ۽ ملڪ ۾ معاشي استحڪام کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ ضروري قدم بحث هيٺ آيا. وزيراعظم عو??م کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ ضرورت جي شين جي گه?? اگهن تي دستيابي جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ دستياب وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عو??م جي ڀلائي کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گ??جي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪندي قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته جمهوريت ۽ آئين جي پاسداري ئي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي ضامن آهي.