اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ??وا?? حسين چيو آهي ته چيف ج??ٽس آف پاڪستان ج??ٽس گ??زا?? احمد اڄ رٽائر ٿي رهيو آهي، هن اقليتن جي عبادتگاهن جي لاءِ تاريخي اسٽينڊ ورتو، ان سا?? سندس عزت ۽ احترام ۾ اضافو ٿيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن هندستان جي عدليه شدت پسندن جي هٿان بي وس نظر اچي ٿي، ج??ٽس گ??زا?? جهڙن ججن اقليتن کي سهارو ڏنو ۽ آزاداڻا فيصلا ڏنا، پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن سا?? سپريم ڪورٽ ۾ پنج جج رٽائر ٿي رهيا آهن، چوڌري ??وا?? حسين چيو ته پارليامينٽ کي نون ججن جي مقرري لاءِ آئيني ترميمن تي غور ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پارليامينٽ سپريم ڪورٽ ۾ مقررين کي آزاد ۽ شفاف بڻائي ٿي ته اهو تمام وڏو ڪم هوندو، سياسي پارٽيون پنهنجي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ان اهم ترميم لاءِ غور ڪن.