اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چونڊيل عو??مي نمائندن کي عوام سان رابطا مهم تيز ڪرڻ ۽ عو??مي مسئلن جي حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان رابطو بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن فيض الله ڪموڪا، خواجه شيراز محمود، شوڪت علي ??ٽي?? حيدر علي خان، ثناءُ الله خان مستي، محمد ي??قو?? شيخ، اورنگزيب خان ڪڇي ۽ جنيد اڪبر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ پارٽي جي ت??ظي?? سازي ۽ ترقياتي منصوبن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو نه رڳو عوام سان پنهنجي رابطا مهم تيز ڪن پر انهن جي مسئلن جي فوري حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن کي به بهتر بڻائين.