اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترقياتي حصيدارن ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ نظراندز ڪيل هڪ ارب معذور ماڻهن جي ٽيڪنالاجي مدد جي ذريعي ضرورتون پ??ريون ڪرڻ ۾ تعاون ڪري، معذور ماڻهن جي زندگين ۾ آساني آڻڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان ان معاملي تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن ۾ سڀني کان اڳيان آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻي معذوري سربراهه اجلاس جي ڏس ۾ مددگار ٽيڪنالاجي (اي ٽي) کي متحرڪ ڪرڻ جي موضوع تي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو ايڊ اسڪيل گلوبل پارٽنرشپ فار اسسٽيو ٽيڪنالاجي ۽ صح?? جي عالمي اداري جي تعاون سان ڪيو هو. ڊبليو ايڇ او پاڪستان صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ورچوئل خطاب لاءِ اهتمام ڪيو هو. ان تقريب جو مقصد عالم?? ا??جنڊا تي مدگار ٽيڪنالاجي جي پهچ ۾ اضافي جي اهميت جي وڪالت ڪرڻ هو، شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف عوي چيو ته 90 سيڪڙو گڏيل معذوري جي ماڻهن جي مددگار ٽيڪنالاجي تائين پ??چ نه آهي، انهن ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ مددگار ٽيڪنالاجي تائين انهن جي پهچ ۾ بهتر?? ا??م معاملو آهي. هن چيو ته هو ۽ سندس گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي معذور ماڻهن جي مسئلن ۽ حقن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته دنيا کي معذور ماڻهن جي مددگار ٽيڪنالاجي تائين پ??چ ۾ بهتري لاءِ پاليسي سازي ۽ عزم جي ضرورت آهي، انهن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي ۽ ڪجهه وقت کين عينڪ جهڙين سادين شين جي ضرورت هوندي آهي، آسان مددگار ٽيڪنالاجي جي ذريعي معذور ماڻهن کي مدد فراهم ڪري سگهجي ٿي.
هن چيو ته پاڪستان ان معاملي تي عالمي برادري جو ڌيان ڏيارڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن ۾ سڀني کان اڳيان آهي. پاڪستان 15 سال اڳ معذور ماڻهن جي حقن بابت ڪنوينشن تي صحيحون ڪيون آهن ۽ هي صح?? جي عالمي اداري جي ايگزيڪٽو بورڊ ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ ان معاملي کي شامل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. مستقبل ۾ ان تي تفصيلي بحث ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان معذور ماڻهن تائين پ??چ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ احساس پروگرام جي ذريعي کين امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته صح?? جي عالمي اداري جي ريپڊ اسسمنٽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي پاڪستان پ??هنجي پوري نه ٿيندڙ ضرورتن ۽ وسيلن ۾ فرق جو جائزو ورتو آهي ۽ ان فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪيون وينديون. صدر چيو ته 21 هين صدي ۾ دنيا کي هڪ ارب معذور ماڻهن جي ضرورتن کي ڏسڻ گهرجي جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ انهن جي ٽيڪنالاجي جي بنياد تي مدد جي ضرورت آهي. هن معذور ماڻهن جي ضرورتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي مددگار ٽيڪنالاجي تائين پ??چ ۾ بهتري لاءِ اي ٽي اسڪيل ۽ صح?? جي عالمي اداري جي ڪوششن کي ساراهيو.
واضح رهي ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي سطح ت?? ا?? ٽي جي ايجنڊا کي پکيڙڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان ڊبليو ايڇ او س??ن سهڪار ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن اي ٽي تي عالمي ۽ علائقائي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 69 هين عالمي صح?? اسيمبلي جنيوا جي دوران مددگار مصنوعات جي فهرست جاري ڪئي، اوڀر بحيره روم ۾ 22 ملڪن لاءِ علائقائي اسٽريٽجڪ اي ٽي فريم ورڪ تيار ڪيو، ريپ?? ا?? ٽي اسسمنٽ سروي ڪرايو ۽ اي ٽي بابت اسلام آباد پڌرنامو پيش ڪيو.