اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جو بنيادي محور ملڪ جو روانگي واپار وڌائڻ، واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن جي مدد ڪرڻ آ??ي، حڪومتي سڌارن جي نتيجي ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي 108 کان 136 ت??ئي?? پهچي وئي آ??ي، ڪاروباري شعبي کي عالمي سوچ اختيار ڪرڻ ۽ منڊين ۾ تبديل ٿيندڙ رجحانن کان باخبر رهڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار انٽر پرينيورز ??رگنائيزيشن (اي او) جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ڪاروباري برادري خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ ??ي لاءِ نوڪريون ڏين ۽ ڪاروباري صلاحيتون وڌ??ئي??، خصوصي ماڻهن کي عمارتن ۽ ڪم جي جاين ت??ئي?? آسان پهچ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته حڪومت واپاري برادري کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آ??ي، پاڪستان جي سيڙپڪاري پاليسي سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ??ي لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ ٺاهي وئي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪاروباري برادري ويليو ايڊيشن جي ذريعي ملڪي روانگي واپار وڌائڻ ۽ عالمي منڊين ت??ئي?? پهچ وڌائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري. انٽر پرينيورز ??رگنائيزيشن جي وفد حڪومت جي معاشي پاليسين تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين کي ساراهيو. وفد جي ميمبرن چيو ته انٽر پرينيورز ??رگنائيزيشن ملڪ جي معاشي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر وفد کي انهن جا مسئلا ۽ شڪايتون لاڳاپيل ڌرين ت??ئي?? پهچائڻ جي خاطري ڪرائي.