اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ ز??تو?? جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، خيبرپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوب?? کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت خيبرپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي وار?? صوبائي وزير عاطف خان به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڏورانهن سياحتي ماڳن تائين پهچ ۽ معاشي سرگرمي?? کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ انفرااسٽرڪچر جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوب?? کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، خيبرپختونخوا م ز??تو?? جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، اجلاس ۾ وزيراعظم کي خيبرپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ صوبي جي سياسي صورتحال، ايندڙ بلدياتي چونڊن ۽ پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوب?? کي جلد مڪمل ڪرڻ جون هدا??تو?? جاري ڪيون.