ڪابل – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پر??يه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعير?? ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ڪابل ۾ افغانستان جي عبو??ي وزيراعظم ملا حسن آخوند سان ملاقات ۾ چئي. افغان عبوري حڪومت جو پر??يه?? وزير امير خان متقي به ان موقعي تي موجود هو، جڏهن ته وزيراعظم جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو محمد صادق، پر??يه?? سيڪريٽري سهيل محمود، افغانستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير منصور احمد خان، اعليٰ عسڪري قيادت ۽ پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل دلچسپي جي معاملن، واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ افغان عوام کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغانستان جي عبوري حڪومت جي وزيراعظم ملا حسن آخوند پر??يه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني وفد جو ڪابل اچڻ تي آجيان ڪئي. پر??يه?? وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ انساني بنيادن تي افغان ڀائرن جي لاءِ مدد جي پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان سان ٻطرفي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. افغان شهرين خاص طور تي واپارين لاءِ ويزا سهولتون، نوان بار??ر پوائنٽس جار?? ڪرڻ ۽ چرپر ۾ سهولت جي فراهمي انهي سلسلي ??ون ڪڙيون آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعمير?? ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، افغان حڪومت جي عبو??ي وزيراعظم ملا حسن آخوند انساني امداد جي وقت سر فراهمي تي پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.