ڪراچي – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري ۾ خصوصي ماڻهن کي برابر موقعا ڏيڻ جي لاءِ خاص قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪ??دي چيو آهي ته خصوصي ماڻهو اسان جي معاشري جو انتهائي اهم حصو آهن، ??کين کان محروم ٻار ٽيڪنالاجي ذريعي ٻارن ٻارن وانگر متحرڪ ٿي سگهن ٿا، اکين جي نور کان محروم گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائ??دي عالمي اداري ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، تعليمي ادارن ۽ استادن کي اکين کان محروم ٻارن جي تربيت جي ذميواري کڻڻي پوندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن اکين کان محروم شاگردن جي لاءِ فٽ بال اسٽيڊيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو اسان جي معاشري جو انتهائي اهم حصو آهن، ??بان کانسواءِ پڻ ڪجهه شيون اهڙيون آهن جيڪي اسان جا جذبا ۽ احساس هڪ ٻئي تائين پهچائين ٿيون. منهنجي اها ڪوشش رهي آهي ته خصوصي ماڻهن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ??سان کي خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ پاليسيون جوڙڻيون پونديون ۽ ان حوالي سان هر اسڪول ۾ ٽيچر ٽريننگ جي پڻ ضرورت آهي، اڄ جي جديد دور ۾ دنيا ۾ اهڙا اوزار موجود آهن جن جي ذريعي توهان معلومات حا??ل ڪري سگهو ٿا، سمارٽ فون جي ذريعي ڪتاب توهان جي مطالعي هيٺ اچي سگهن ٿا. هن چيو ته اکين کان محروم م??ڻهو جيڪڏهن ڏسي نه ٿا سگهن پر اهڙا ماڻهو ڀرپور صلاحيتن سان مالامال هوندا آهن. صدر ان ڏس ۾ مثال ڏي??دي يچو ته گڏيل قومن ۾ اکين کان محروم پاڪستاني نمائ??دي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ بريل سان پڙهي بهترين تقرير ڪئي، گذريل سال انهي جي ڀاءُ کي جيڪو هڪ جج آهي صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو هو. پر انهن کي عدالت کان مئجسٽريٽ ۽ جج طور فرض سرانجام ڏيڻ جي لاءِ فيصلو وٺڻو پيو هو، اها معاشري جي مزاحمت آهي جنهن کي اسان کي ختم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان ذهين ترين خصوصي ماڻهن جي بهترين صلاحيتن جو مشاهدو ڪيو آهي، آمريڪا ۾ نيوڪليئر فزڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ پاڪستاني عاقل سجاد پڻ اکين کان محروم آهي. هن چيو ته هاڻي علم حا??ل ڪرڻ جي لاءِ رڳو بريل جي ضرورت نه آهي پر ان لاءِ ٽيڪنالاجي جي به ضرورت آهي، جنهن جي بنياد تي اکين کان محروم ڪو به ٻار ٻين ٻارن وانگر متحرڪ ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته اکين کان محروم م??ڻهن جو ڪراچي ۾ هڪ خصوصي مرڪز آهي جنهن جو انتظام اکين کان محروم م??ڻهو ئي هلائي رهيا آهن، ??هڙي قسم جا ڪم ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ جڏهن اکين کان محروم م??ڻهن کي نوڪري ڏني وئي ته انهن ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر انداز ۾ فرض سرانجام ڏنا، ڪيترائي شعبا اهڙا آهن جن ۾ اهي بهتر ڪم ڪري سگهن ٿا. عالمي طور تي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان سروي ڪئي وئي ته انهن ۾ انگ اکرن 14 کان 15 سيڪڙو آهي، اهڙي طرح پاڪستان ۾ اٽڪ ۽ نصيرآباد ۾ سروي ڪئي وئي، اتي به اهي ئي انگ اکر آيا آهن. احساس پروگرام تحت پڻ اکين کان محروم م??ڻهن جي نشاندهي جي لاءِ سروي ڪئي ويندي. موجوده حڪومت احساس پروگرام تحت خصوصي ماڻهن جي لاءِ معاونت سان گڏوگڏ 20 لک ماڻهن جي لاءِ هڪ فنڊ قائم ڪيو آهي جنهن جي ذريعي انهن کي ماهوار 2 هزار رپيا تاحيات ملندا. رجسٽرڊ خصوصي ماڻهن جو انگ رڳو 3 لک هو، ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته سمورن خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن ڪئي وڃي ۽ نادرا جي ذريعي انهن جي رجسٽريشن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هڪ سال ۾ رجسٽرڊ خصوصي ماڻهن جو انگ ساڍا چار کان پنج لک تائين پهچي ويو آهي. صدر چيو ته تعليم واري وزارت سان گڏجي خصوصي ماڻهن جي تعليم جو انتظام پڻ ڪيو پيو وڃي. خصوصي ماڻهن جي لاءِ عمارتن ۾ داخلا جي لاءِ ريمپ ٺاهڻ جي ضرورت آهي. سمورين بئنڪن، ڪمرشل مارڪيٽن سميت نئين تعميرات ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ريمپ جي تعمير لازمي قرار ڏني وئي آهي. معاشري ۾ عورتن جي هر شعبي ۾ شموليت وانگر خصوصي ماڻهن کي پڻ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ هر ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا خصوصي ماڻهن جي اعليٰ تعليم تائين هر قسم جي پهچ جو جائزو وٺندي. اعليٰ تعليم حا??ل ڪندڙ خصوصي ماڻهن کان ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ رهائش جا ٻيا خرچ وصول نه ڪيا ويندا. انٽرميڊيئٽ کانپوءِ سمورا صوبا اها سهولت ڏئي رهيا آهن، نوڪرين ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪوٽا مقرر آهي ان تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، خصوصي ماڻهن کي نوڪرين جي حوالي سان هنرم??دي جي تربيت فراهم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي انساني زندگي کي تمام آسان بڻائي ڇڏيو آهي، خصوصي ماڻهو به ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا ۽ اهي عالمي پروگرامن ۾ حصو وٺي مناسب آمدني حا??ل ڪري سگهن ٿا. ان کانسواءِ مختلف اهڙيون ايپس به موجود آهن جن مان فائدو کڻي خصوصي ماڻهو معاشري ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن ٿا. سمورن پاڪستانين جي ذميواري آهي ته ڪو به شخص محرومي جو شڪار نه رهي. هن چيو ته ڪوويڊ، زلزلي، ٻوڏ، لڏپلاڻ سميت ڀلي ڪهڙيون به حالتون هجن پاڪستاني دل کولي مدد ڪن ٿا، اهڙي طرح معاشري جي محروم طبقن کي پڻ گڏ کڻي هلڻ سان صحتمند معاشري کي فروغ ملندو. خصوصي ماڻهن کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون، ??سان کي انهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي معاشري ۾ ڀرپور ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.