اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين هزاره جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل ??هديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي ۽ جمهوري حق تي پڪو يقين رکي ٿي، آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ لازمي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ لاءِ حڪومت سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل ميمبر صحافي برادري جي مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڀرپور ??رد??ر ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي برادري ۾ پاڪستان جي بهتر اميج کي اجاگر ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير هزاره جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل ??در تيمور جدون، جنرل سيڪريٽري لقمان شاهه، چيئرمين وقار عباسي، سرپرست اعليٰ وقار فاني، فنانس سيڪريٽري شاڪر عباسي، نائب صدرن عمر حيات، حاجي وحيد، جوائنٽ سيڪريٽري چنگيز جدون، ??وا?? احمد، سيڪريٽري اطلاعات ارشد خان تنولي ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن کي نئين ذميواريون سن??ال?? تي مبارڪباد ڏني.