اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي غذ??ئي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غذ??ئي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي چانور، ڪمند، مڪئي ۽ ڪپهه سميت خريف جي فصلن جي پ??داوار ۾ متوقع اضافي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو ۽ کيس لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري ??ي شعبي ۾ وزارت پاران آندل سڌارن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لائيو اسٽاڪ جي جديد طريقي سان افزائش نسل، خوراڪ جي فراهمي ۽ صحت جي سهولتن ۾ بهتري ??ندي پئي وڃي، پيداوار ?? وڌيڪ اضافي جي لاءِ تحقيقي ادارن ۾ سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي غذ??ئي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، زرعي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻ??ئي رهي آهي.