مڪه – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان دنيا جي م??تلف علائقن ۾ اسلامو فوبيا جي واقعن ۾ اضافي تي اسلامي تعاون تنظيم جي ٺوس ردعمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مسلمان اڳواڻن جي گڏيل ڪوشش هجڻ گهرجي ته دنيا ان خصوصي م??بت ۽ عقيدت کي تسليم ڪري جيڪا مسلمان حضور اڪرم ﷺ جي ذات مبارڪ سان رکن ٿا، ڪنهن کي به اسلام ۽ دهشتگردي جي وچ ۾ ڪو ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، عالمي برادري عدم بردا??ت ۽ مذهب يا عق??دي جي بنياد تي تشدد جي لاءِ اتساهڻ جي خلاف گڏيل عزم ظاهر ڪري ۽ بين المذاهب هم ??هن??ي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف اي ال??ثم??ن سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو.