اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن هندستان عالمي قانون غيور ڪشميري عوام ج?? امنگن ۽ حقن کي پائمال ڪندي مسلم اڪثريتي آبادي تي ??شت??ل رياست ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪري ورتو، اِهو اَهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميري عوام کي محڪو بڻائڻ لاءِ پنهنجي فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاٿي، وفاقي وز??ر 27 آڪٽوبر يوم سياهه جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بها??ر ڪشميري گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي ظلم، ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ عظيم جدوجهد ڪري رهيا آهن.