اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پاڪستان ڪاٽن جينرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊ??ڪٽر جاسو مل ٽي ليماڻي جي سربراهي ?? چار رڪني وفد پارلياميٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ سينيٽ چيئرمين کي پاڪستان ۾ ڪپهه جي فصل جي پوکي ۽ ??يد??وار ۾ مسلسل گهٽتائي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وفد سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪپهه مان تقريبن 15 ملين ڳٺڙيون بڻجڻ ٿيون، ڪپهه جي پوکي ۽ ??يد??وار ۾ مسلسل گهٽتائي جي ڪري ان جي تعداد 7 ملين تائين محدود ٿي ويو آهي ?? معياري ٻج ۽ جديد مشينري جي عدم دستيابي جي ڪري آبادگارن ۾ متبادل فصلن جي پوکي جو رجحان وڌي چڪو آهي. آبادگارن ٻيا فصل پوکڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جيستائين معياري ٻج جي نئين ورائٽي ۽ جديد مشينري جي دستيابي ميسر نه ٿيندي تيستائين بهتري ممڪن نه آهي.