اسلام آباد – 09 سيپٽ??بر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جي ٽيسٽنگ ۽ رابطي جو پتو لڳائڻ جو جائزو ورتو ۽ صوبائي ان??ظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ڪورونا وائرس سبب متاثر مريضن جي حوالي سان باخبر رهي، ڪووڊ-19 جي مريضن سان رابطو ۽ قرنطينه جي لاءِ موجوده ان??ظامن ۾ اضافو ڪري، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدار?? ۾ ??ين سي او سي جي اجلاس ۾ ٽيم اين سي او سي جي ذريعي بلوچستان جي دوري بابت ??پ ڊيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تعليم واري وزارت جي اهتمام هيٺ اسڪولن جي حوالي سان عمومي سوالنامو سان گڏ جواب ۽ ان وبائي چارٽ جي حوالي سان انگ اک??، ان??روني ملڪ سفر ڪندڙ مسافرن بابت پاليسي ۽ پاڪ ٽريڪ ايپليڪيشن پورٽل جو به جائزو ورتو، فورم کي بلوچستان جي شهري ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ ڪورونا وائرس ٽيسٽنگ ۽ رابطي جو پتو لڳائڻ بابت ٽيم جي دوري جي نتيجن کان آگاهه ڪيو ويو.