اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري مل??قات ڪ??ي آهي. مل??قات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، قانونسازي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي آهي، ٻنهي اڳواڻن مل??قات ۾ فرانسيسي جريده ۾ ٻيهر گستخانه خاڪن جي ڇپائي انتهائي قابل مذمت قرار ڏنو. اسپيڪر چيو ته مسلمان امت اجتماعي سطح تي ان معاملي کي گڏيل قومن ۽ فرانسيسي حڪومت سامهون اٿاري، مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي، پارليامينٽ طرفان گستاخانه خاڪن جي ڇپائي جي معاملي کي عالمي سطح تي اٿاريو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي کي اولهه دنيا ۾ اسلامو فوبيه جي تدارڪ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ اقليتن کي پنهنجي مذهبي عبادتن جي ادائيگي ۽ پنهنجي عقيدي موجب زند??ي بسر ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته بين المذاهب هم آهنگي وقت جي ضرورت آهي.