اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? هدايت ڪئي آهي ته ڏورانهن علائقن ۽ پوئتي پيل علائقن خاص طور تي بلوچستان، ضم ٿيل علائقن ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت جي ??راهمي ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏن?? وڃي. هن ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ حڪومت طرفان وڌيڪ مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار، صنعت ۽ پيداوار واري وزير، منصوبابندي واري وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي ??اري وزير ۽ تعليم واري وزير تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي ??دايت به ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي وڌائن ۽ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو وفاقي وزير ??يد امين الحق، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود?? آءِ ٽي جو سيڪريٽري، پي ٽي اي چيئرمين، سي اي او يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.