اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ??مون ۽ ڪشمير جي عوام گذريل 70 سالن کان پنه??جو خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، ڀارت غيرقانوني ۽ ظالماڻن قدمن ذريعي والاريل ??شمير تي جابراڻو ڏاڍ قائم ڪري رکيو آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، ڀارت انتهاپسنداڻي هندوتوا سوچ جي ور چڙهيل آهي ۽ باهه سان کيڏي رهيو آهي، ع??لم?? برادري والاريل ??شمير جي عوام کي ان??ن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۽ ڀارت جي اندر مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ بند ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.