اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگا?? ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي شين جي سستي اگهن تي فراهمي جي لاءِ 7 ارب رپين جي رليف پئڪيج کي عوام جي لاءِ تحفو قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اقتصادي استحڪام کانپوءِ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، رليف پئڪيج سان گهٽ آمدني وارن طبق?? کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي جي نائن مرڪز ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جي موقعي تي اي پي پي سان ڳ??له??ئيندي ڪيو.