اسلام آباد – 07 نو??بر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان پنهنجي ٻه طرفي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن لاڳاپن کي گهڻ رخي شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ هڪ ٻي جي تجربن مان گهڻو ڪجهه سک?? سگهن ٿا ۽ اداره جاتي تعاون ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان رابطاڪاري کي وڌيڪ موثر بڻائ?? سگهجي ٿو، سوئٽزرلينڊ جي پارلياماني و??د جي دوري جا جلد مثبت نتيجا سامهون ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرم??ن محمد صادق سنجراڻي سوئٽزرلينڊ جي رياستن جي ڪائونسل جي صدر جين ريني فرنيئر جي سربراهي ۾ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جو دورو ڪندڙ پارلياماني وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو.