اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته عوامي ڀلائي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي ??زي?? سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي ??زي?? احسن اقبال ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي ??زي?? سردار اياز صادق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??زي??اعظم چيو ته عوامي ڀلائي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. سنڌ صوبي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ٿر ڪول جي منصوبي سان نه رڳو ملڪ ۾ توانائي جي ضرورت پوري ٿيندي پر علائقي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون.