اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدر ۽ آمريڪا لاءِ ??اڪ??تان جي نامزد سفير سردار مسعود خان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين آمريڪا ۾ سفير طور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪابد ڏني، سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي چيو ته ??اڪ??تان آمريڪا سان ٻطرفي، وسيع البنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي،
سينيٽ چيئرمين چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موثر سفارت??ار?? جي ذريعي دنيا جو ڌيان ??اڪ??تان ۾ موجود سيڙپ??ار?? جي ميسر وسيع موقعن طرف ڇڪرايو وڃي، هن اميد ظاهر ڪئي ته سردار مسعود خان جهڙي تجربيڪار سفارتڪار جي مقرري سان پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. سردار مسعود خان سينيٽ چيئرمين سان سندس ڏاڏيءِ ۽ ننڍي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ??و اظهار ڪيو، آمريڪا لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان سينيٽ چيئرمين جو ٿورو ادا ڪيو ۽ عالمي سطح تي ??اڪ??تان جي موثر طريقي سان نمائندگي جي عزم کي ورجايو.