اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ??ه پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هيستائين ڪرپشن جو ڪو ڪيس سامهون ??اهي آيو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي دورن ۾ هر ڏينهن ڪرپشن جو نئون اسڪينڊل سامهون ايندو هو، (ن) ليگ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جي غلط تشريح ڪري رهي آهي، ان رپورٽ ۾ ڪنهن مالي بدعنواني جي نشاندهي ناهي ٿي. مملڪت?? وزير فرخ حبيب شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته شاهد خاقان عباسي جيڪڏهن ايترو سچو آهي ته شهباز شريف جي 16 ارب جي ڪرپشن بابت به ڪجهه ٻڌائي. (ن) ليگ ??ه پنهن??ي دور ۾ جعلي سروي ۽ رپورٽون تيار ڪرائيندڙ پارٽي طور مشهور هئي. بلاول زرداري جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ??ه پيپلزپارٽي 13 سالن دوران لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي عوام کي ڇا ڏنو آهي. اڄ بلاول ڪچيءَ آ??اد?? ۾ وڃي واڳون ??ارا ڳوڙها وهائي رهيو آهي، اڳ ۾ ڪٿي هو. سنڌ جي عوام کي رڳو ٽينڪر مافيا ۽ ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.