اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? ص??ت جي ن??ام ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صحت جي سارسنڀال جي ن??ام ۾ علاج بدران بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه ڪراچي ۾ سينٽر آف انوويشن ان ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ آغا خان يونيورسٽي جي سينيئر قيادت جي اجلاس ج?? ص??ارت ڪندي چئي. صحت جي ن??ام ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخ تي روشني وجهندي هن چيو ته مهانگي علاج جي ڪري ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو اسپتالن خاص طور تي ن??ي اسپتالن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا، صحت جي ن??ام ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ آغا خان يونيورسٽي سميت اسان جي اسپتالن کي ان رجحان طرف پنهنجو ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته ڊينٽسٽري جا 80 سيڪڙو عنصر آن لائين يا ورچوئل آهن. ملڪ ۾ نرسنگ عملي جي انگ ۾ نمايان اضافي جي لاءِ ڪيترائي ن??سنگ ڪورسز ۽ پروگرام آن لائين ڪرائي سگهجن ٿا. صدر چيو ته چين عوام ج?? ص??ت جي ن??ام ۾ بهتري جي ذريعي پنهنجي 80 ڪروڙ شهرين کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. صدر آغا خان يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ته اهي معياري ۽ ٺوس عوام ج?? ص??ت جو نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ مفڪرن، ماهرن جو گروپ قائم ڪري. ان کان اڳ صدر کي آغا يونيورسٽي پاران بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي ن??ام ۽ تحقيق بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر کي ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي ن??ام ۽ تحقيق جي شعبي ۾ ڪم جي ذريعي سماجي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان هي يونيورسٽي هڪ قومي اثاثو آهي. صدر آغا خان يونيورسٽي جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان کي ملڪ جي ٻين اهم اسپتالن جي لاءِ هڪ مثال قرار ڏنو.