اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چوڌر?? فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن، 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ چڱو چوکو اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀني کان گهٽ آهن، يا ته ٽن سالن ۾ تيل جا کوهه نڪري اچن ها ٻي صورت ۾ ظا??ر آهي ته جڏهن تيل ٻاهران خريد ڪرڻو آهي ته قيمتون وڌنديون، ??هو ئي اصول باقي آمدني واپار لاءِ آهي، چوڌر?? فواد حسين چيو ته اصل ڪاميابي اها آهي ته 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ به خاطر خواه اضافو ٿيو آهي، وفاقي ??زي?? چيو ته پاڪستان جي خريداري جي قوت هندستان کان بهتر آهي، پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون پنهنجي جاءِ تي پر 60 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي، جنهن کي 11 سئو ارب روپيا اضافي آمدني ٿي، هن چيو ته تعميرات ۽ انڊسٽريز سان لاڳاپيل ڪروڙين ماڻهن جي آمدني ۾ به اضافو ٿيو. مستري ۽ مزدور جي ڏيهاڙي ٽيڻ تي وڌي.