اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي ريور پراجيڪٽ، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن منصوبن سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه ۽ اترين عل??ئقن ۾ سياحت، ملڪي م??دن?? وسيلن، آءِ ٽي ۽ مذهبي سياحت جي فروغ ۽ انهن شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ اي??سپو 2020ع ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ ان حوالي سان ڪيل تيارين بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، چيف اي??زيڪيوٽو ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪ??ي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي اي??سپو ۾ پاڪستان جي ڀرپور شرڪت سان جتي عالمي برادري کي پاڪستان جي مختلف رخن کان روشناس ڪرايو ويندو اتي واپار ۽ سيڙپڪاري جون نيون راهون کلنديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اي??سپو پهرين آڪٽوبر 2021ع کان شروع ٿيندو جيڪو 6 مهينا مسلسل جاري رهندو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڪستان پويلين ۽ ان جي مختلف حصن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اي??سپو ??وران پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ڪيترن ئي موقعن کي اجاگر ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته راوي ريور پراجيڪٽ، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن منصوبن سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه ۽ اترين عل??ئقن ۾ سياحت، ملڪي م??دن?? وسيلن، آءِ ٽي ۽ مذهبي سياحت جي فروغ ۽ انهن شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن صوبن جي متحرڪ شموليت سان اي??سپو ??وران اهم صوبائي منصوبن کي اجاگر ڪيو وڃي. وزيراعظم سمورين صوبائي حڪومتن کي اي??سپو ??ي حوالي سان تيارين کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪ??ي.