اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مذهبي عقيدن جي احترام کي حڪومت جي بنيادي پاليسي قرار ڏيندي چيو آهي ته رحيم يار خان ۾ اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي مندر جو ٻيهر کلڻ حڪومت پاران اقليتن جي حقن کي ڏن?? ويندڙ اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مذهبي عقيدن جو احترام اسان جي بنيادي پاليسي آهي ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته پاڪستان جي آئين جي گهرجن موجب سمورا شهري زندگي ۽ آزادي جي نعمت مان لطف اندوز ٿين. واضح رهي ته رحيم يار خان جي علائقي ڀونگ شريف ۾ 24 جولاءِ تي 8 سالا هندو ٻا?? جي خلاف توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، پوليس ٻا?? کي گرفتار ڪري ورتو ۽ 4 آگسٽ تي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٻا?? جي ضمانت منظور ڪري ان جي آزادي جو حڪم ڏن?? ته مڇڙيل ميڙ احت??اج ڪيو ۽ ٽوڙ ڦوڙ سان هڪ مندر کي نقصان پهچايو جڏهن ته وزيراعظم ان واقعي جو فوري نوٽيس ورتو ۽ مندر جي بحالي جو حڪم ڏن?? ۽ تنهن ڪري 11 آگسٽ تي متاثر مندر جي بحالي ڪئي وئي آهي. پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار اقليتن جي ڏينهن جي موقعي تي ڀونگ شريف ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائي ۽ مذهبي رسمون ادا ڪري متاثر مندر جي بحالي جو افتتاح ڪيو.