اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪر??نا جهڙي وبا جي خلاف ڊاڪٽر ۽ ميڊيڪل اسٽاف اسان جو هر اول دستو آهي، ڊاڪٽر ۽ طب?? عملي کي هر حال ۾ ۽ ترجيحي بنيادن تي انهن جي ضرورتن موجب حفاظتي سامان فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم تعميراتي شعبي جي بحالي جا ثمر هيٺئين طب??ي خاص طور تي مزدورن تائين پهچائڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪر??نا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.