اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا سان پاڪستان ۾ مقرر ايران ۽ يورپي يونين جي سفيرن ڌار ڌا?? ملاقاتون ڪيون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن کانسواءِ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ پارلياماني ۽ اد??ره جاتي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ??يران جي سفير سيد محمد علي حسيني سان ملاقات ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مانڊوي والا چيو ته پاڪستان ۽ ايران گڏيل ثقافتي، مذهبي ۽ سماجي هڪجهڙاين ۾ ڳنڍيل آهن ۽ ايران سان لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن.