رک جهوڪ سمارٽ ٻيلو منصوبو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي: وزيراعظم

image
APP34-250821 SHEIKHUPURA: August 25 - Prime Minister Imran Khan addressing during inauguration ceremony of Pakistan’s First Smart Forest in Rakh Jhok. APP Photo by Mustafa Lashari

لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شيخوپوره ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي رک جهوڪ سمارٽ ٻيلي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، 24 هزار ڪينال تي ٻڌل اهو سمارٽ ٻيلو راوي ريور اربن ڊيولپمينٽ اٿارتي جو اهم منصوبو آهي. وزيراعظم عمران خان ٻيلي ۾ وڻ پوکي پراجيڪٽ جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم جو خاص معاون شهباز گل ۽ راوي ريور اربن اٿارٽي جو سي اي او عمران امين به موجود هو. راوي اربن اٿارٽي پاران وزيراعظم کي سمارٽ ٻيلي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سمارٽ ٻيلي ۾ هر وڻ جي نگراني لاءِ سينسرز لڳايا ويندا ۽ اهو ٽيڪنيڪل ڪم چيني ڪمپني هواوي ڪندي جنهن جي لاءِ هواوي ۽ راوي اربن اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون، راوي اربن منصوبي تحت ميون جي وڻن سان گڏوگڏ تفريحي ماڳ پڻ ٺاهيا ويندا ۽ ان منصوبي کي سياحت لاءِ پرڪشش بڻايو ويندو. ان موقعي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي ٽيم ۽ خاص طور تي راوي اربن پراجيڪٽ جي سي اي او عمران امين کي ان اهم منصوبي تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته هي منصوبو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، اسان اهو ڪم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن سان ملڪ ۾ واضح تبديلي نظر ايندي. هن چيو ته اسان ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏي وينداسين، سياستدان ڏسندا ته اسان هڪ نئون شهر به ٺاهي سگهون ٿا، اسان کي اهو وچن ڪرڻو پوندو ته ملڪ کي سرسبز ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، الله تعاليٰ پاڪستان کي سڀني نعمتن سان نوازيو آهي، اسان کي انهن نعمتن تي ٿورا ادا ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم ماضي ۾ ماحوليات تي ڪم نه ٿيڻ بابت ٻڌايو ته هن ماضي ۾ پنهنجي اکين آڏو ٻيلن کي تباهه ٿيندي ڏٺو آهي، هتي هر قسم جا جانور هوندا هئا، ٻيلن سان گڏوگڏ جانور به گهٽ ٿيا، لاهور ۾ ماحُليات جي تباهي به ڏٺي، مٺو پاڻي سڀئي شهري پيئندا هئا، جنهن کانپوءِ آهستي آهستي اسان ان نعمت کان محروم ٿي وياسين، آلودگي جي شرح ايتري وڌيڪ آهي جو ٻار ۽ بزرگ ٻئي متاثر ٿي رهيا آهن، لاهور ۾ پاڻي جي سطح هيٺ وڃي رهي آهي، راوي درياءُ ۾ سڄي شهر جو سيوريج جو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جڏهن راوي سنڌ ۾ داخل ٿيندو آهي ته اهو سيوريج جو پاڻي اتي به هلي ويندو جنهن سان ماحولياتي آلودگي جا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته راوي ريور پراجيڪٽ لاهور کانسواءِ پاڪستان لاءِ به تمام اهم آهي، اهو منصوبو مشڪل به آهي جيڪڏهن مشڪل نه هجي ها ته اهو پرويز مشرف جي دور ۾ ٺهي وڃي ها، (ن) ليگ جي دور ۾ شهباز شريف اسپيڊ به ان کي نه ٺاهي سگهيو. هن چيو ته وڏا پروجيڪٽ تڏهن ڪامياب ٿيندا آهن جڏهن انسان ان جو ارادو ڪندا آهن، هن چيو ته هڪ سال ۾ وڏا چئلينج آيا ماڻهن منع ناما وٺي ڇڏيا جنهن سان منصوبا دير جو به شڪار ٿيا، پر هاڻي اهي سڀئي رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن، هن چيو ته منصوبو شروع ڪرڻ ئي مشڪل ڪم هوندو آهي، جڏهن اهو شروع ٿيندو آهي ته پوءِ ان کي ڪير نٿو روڪي سگهي، وزيراعظم سمارٽ لاڪ ڊائون جو مثال ڏيندي چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران جڏهن اسان سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ته ان سان خاطر خواهه فائدا ٿيا ۽ اسان جي ان سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي کي سڄي دنيا ساراهيو ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثال ڏنو ويندو هو، اهڙي طرح هاڻي هي سمارٽ ٻيلو ٺهي رهيو آهي جنهن ۾ هواوي ڪمپني سان گڏجي جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. هر وڻ جي واڌويجهه جو حساب لڳايو ويندو، جديد ٽيڪنالاجي سان هر وڻ کي مانيٽر ڪيو ويندو. وڻ وڍڻ جي صورت ۾ سينسرز ذريعي معلوم ٿي ويندو ته ڪهڙي هنڌ تي وڻ وڍيو پيو وڃي، هن چيو ته 2013ع تائين پاڪستان جي تاريخ ۾ صرف 64 ڪروڙ وڻ هنيا ويا جڏهن اسان پنجن سالن ۾ خيبرپختونخوا ۾ هڪ ارب وڻ هنيا ۽ اسان جو ٽارگيٽ آهي ته اسان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ هڻنداسين جنهن سان پاڪستان بدلجي ويندو، موسم ۾ واضح تبديلي نظر ايندي، هن چيو ته اسان جا ٽي وڏا مسئلا آهن پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو اچڻ وارو آهي، سيوريج جو پاڻي دريائن ۾ وڌو پيو وڃي، ماحوليات جا مسئلا وڌي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته راوي ريور پروجيڪٽ جي ذريعي انهن سمورن مسئلن تي ضابطو آندو ويندو، ان منصوبي ۾ پاڻي کي روڪڻ لاءِ ٽي بيراج ٺاهيا ويندا، صاف پاڻي لاءِ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳايا ويندا، پهريون ڀيرو جامع پلان ٺاهي رهيا آهيون ان منصوبي سان ڪنسٽرڪشن انڊسٽري پروان چڙهندي، 10 لک ماڻهن کي روزگار ملندو، 40 ارب ڊالر ملڪي معيشت ۾ ايندا جنهن تحت اهو منصوبو پاڪستان لاءِ وڌيڪ سالياني بجيٽ پيدا ڪندو، هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان منصوبي سان کيس مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو جنهن لاءِ کيس پنهنجي ٽيم کي تيار ڪرڻ گهرجي ۽ اسان پرعزم آهيون ته ڪا به رڪاوٽ ان پراجيڪٽ کي نٿي روڪي سگهي.

مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس