اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي افتتاحي اج??اس ۽ ان سان لاڳاپيل اج??اسن ۾ پاڪستان جي فعال ۽ نمايان شرڪت گڏيل قومن جي مقصدن ۽ اصولن جي حمايت ۽ عزم جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان ٻين ميمبر ملڪن سان گڏجي هڪ اهڙي دنيا جي تعمير جي لاءِ سرگرم عمل آهي جتي تڪرارن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو هجي ۽ امن ۽ سلامتي جي حا??تن ۾ سڀني جي لاءِ برابر خوشحالي حاصل ڪرڻ جار?? رهي.